اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 186 تحت صدارتي ريفرنس فائل ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري ويندي ته جڏهن هڪ پارٽي جي ميمبرن واضح طور تي هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث هجن ۽ وفاداريون تبديل ڪن ته انهن جي ووٽ جي آئيني حيثيت ڪهڙي هوندي، ريڪوزيشن تي اسيمبلي اجلاس جي تاريخ ڏيڻ اسپيڪر جي صوابديد آهي، سپريم ڪورٽ جو پنج رڪني بينچ اهو قرار ڏئي چڪو آهي ته جتي نااهلي جو مدو لکيل ناهي اتي نااهلي تاحيات هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پارٽي اڳواڻن جي اجلاس کانپوءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ??ان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ه?? چيو ته سنڌ هائوس ۾ جيڪي ماڻهو قيد ڪيا ويا آهن کين آزاداڻي فيصلي جو اختيار هجڻ گهرجي ۽ کين آزاد ڪرڻ گهرجي. ه?? چيو ته آرٽيڪل 63 ون اي تي ابهام ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان پڇيو آهي ته توهان ٻڌايو ته هارس ٽريڊنگ جي آئين اج??زت ڏي ٿو يا نه، ان حوالي ??ان صدارتي ريفرنس به موڪلي رهيا آهيون جنهن تي سپريم ڪورٽ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي ۽ ان تي عملدرآمد ڪنداسين. وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ اهو قرار ڏئي چڪي آهي ته جتي نااهلي جو مدو لکيل ناهي اتي نااهلي تاحيات هوندي ۽ ا??ان سپريم ڪورٽ کان به پڇيو آهي ته جيڪي ماڻهو نااهل هوندا، اهي ٻيهر اليڪشن وڙهي سگهندا يا تاحيات انهن تي پابندي هوندي، ه?? چيو ته صدارتي ريفرنس سومر تي داخل ٿي ويندو، ان سلسلي ۾ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ٻڌايو آهي ته شوڪاز جو پراسيس الڳ هوندو، شوڪاز نوٽيس اسپيڪر ڏانهن موڪليا ويندا، هڪ طرف اسپيڪر نااهلي جي ڪارروائي شروع ڪندو ۽ ٻي طرف سپريم ڪورٽ کي چئي رهيا آهيون ته ان ريفرنس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪري فيصلو ٻُڌائي. چوڌري فواد ح??ين چيو ته گهرو وزير شيخ رشيد احمد جائز طور تي سنڌ حڪومت جي غير آئيني قدمن کان وفاق کي آگاهه ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ جي حوالي ??ان چيو آهي ته اهو آپشن موجود آهي، ه?? چيو ته تنهن هوندي به ????ان فيصلو ڪيو آهي ته في الحال ان تي عمل نه ڪندا??ين پر آئيني بحران اهڙي طرح جاري رهيو ته ان تي غور ڪنداسين. چوڌري فواد ح??ين چيو ته 27 مارچ تي اسلام آباد ۾ عظيم عاليشان جلسي جون تياريون ڀرپور طريقي ??ان جاري آهن، 27 مارچ تي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو ته اجلاس گهرائڻ اسپيڪر جو اختيار آهي، جنهن جي اڃان تاريخ حتمي نه آهي، ه?? چيو ته رانا ثناءُ الله 25 مارچ تي اچڻ چاهي ته اچي وڃي، کيس پاڻي به پياريندا??ين ۽ خاطر خدمت تي به ??ور ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ ه?? چيو ته آرٽيڪل 63 ون اي تحت ٻه ڌار ڪارروايون ٿي رهيون آهن، هڪ ڪارروائي نااهلي لاءِ ۽ ٻي ڪارروائي سپريم ڪورٽ کان ٻه ڌار پڇيل سوالن بابت آهي، ه?? چيو ته اسپيڪر وٽ اختيار آهي، هو فيصلو ڪندو ته ريفرنس جو انتظار ڪرڻو آهي يا نه ۽ تاريخ اسپيڪر مقرر ڪندو.