اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پوري دنيا اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي متفق ٿي چڪي آهي، او آءِ سي اجلاس ۾ سئو کان وڌيڪ قراردادون بحث هيٺ اينديون، ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. هو پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن وا??ي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو سرڪاري ترانو جاري ڪرڻ وا??ي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪجهه مهينن ۾ ٻيون ڀيرو مسلمان ??مت جي ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪا اعزاز جي ڳالهه آهي. هي اجلاس ا?? لاءِ به منفرد آهي جو اهو پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو آهي. هن چيو ته او آءِ سي جا پرڏيهي وزير 23 مارچ تي پريڊ ۾ شريڪ ٿيندا. پرڏيهي مهمان اسان جي ثقافت ۽ ان ڏينهن جيڪو ??وم?? يڪجهتي جو مظاهرو ٿي رهيو آهي، ان جو مشاهدو ڪندا. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت جون تمام گهڻيون ڪوششون آهن. هن چيو ته اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن مسلمان ??مت کي فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين جا مسئلا اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن. افغانستان ۾ به انساني بحران جاري آهي. انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو ملندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن وا??ي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي لاءِ جاري ڪيل تراني کي ناليواري گلوڪار علي ظفر ڳايو ۽ ٻيهر ٺاهيو آهي ۽ وڊيو الڪريم بيگ تيار ڪئي آهي.