اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي ??رڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شر??ت جي لاءِ مختلف م??ڪن جا پرڏيهي وزير ۽ وفد پارليامينٽ هائوس پهچڻ شروع ٿي ويا. ترڪيءَ جو پريهي وزير ميولوت چاوش اولو اجلاس ۾ شر??ت جي لاءِ پارليامينٽ هائوس پهتو ته پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ترڪ هم منصب جي آجيان ۽ ترڪ هم منصب کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ مبارڪباد وارن جملن جي ڏي وٺ ٿي، مهمانن جي استقبال لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي معزز پرڏيهي وزيرن جي آجيان ڪري رهيو آهي. مسلمان ملڪن جا پرڏيهي وزير وڏي انگ ۾ او آءِ سي ??رڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شر??ت جي لاءِ پاڪستان اچي چڪا آهن. او آءِ سي ??رڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. وزيراعظم عمران خان او آءِ سي ??رڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندو.