اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سلم??ن صوفي کي پرائم منسٽر اسٽريٽجڪ ريفارمز جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سلم??ن صوفي رضاڪاراڻي طور تي اها ذميداري سرانجام ڏيندو. سلم??ن صوفي، مدر ٽريسا ايوارڊ يافته پبلڪ پاليسي جو ماهر آهي جيڪو سماجي ڀلائي جي منفرد منصوبن کي متعارف ڪرائڻ ۾ مشهور مقام رکي ٿو. هن پنجاب ??يم?? پروٽيڪشن اي??ٽ، وائلنس اگينسٽ ??يم?? سينٽر، ??يم?? آن ويلز ۽ شهر خموشان سميت ڪيترائي عوام دوست منصوبا متعارف ڪرايا ??هن. هو شهباز شريف جي پنجاب جي وڏ وزارت دوران ڊي جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ مقرر هو، سلم??ن صوفي کي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پنج مشهور ماڻهن ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ۾ موجوده آمريڪي صدر جوبائيڊن به شامل آهي، کيس وائٽل وائسز ايوارڊ سان به نوازيو ويو. سموري?? وزارتن کي هدايت به ڪئي وئي آهي ته هو وزيراعظم جي سڌارن واري ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن.