اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ??ڳو??ي حڪومت آءِ ايم ايف سان هن وقت تائين جو بدترين معاهدو ڪيو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام جي متاثر ٿ??ڻ جو احساس آهي، پر ان کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، صورتحال تي قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندس، پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??زيراعظم شهباز شريف چيو ته آئون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام تي ٿيڻ واري اثرن کان چڱي طرح آگاهه آهيان، پر پي ٽي آءِ جي ??ڳو??ي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي ڪري موجوده حڪومت وٽ پيٽروليم مصنوعاتن جون قيمتون وڌائڻ کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، وزيراعظم چيو ته هو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي حوالي سان قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندو، وزيراعظم چيو ته انشاءُ الله اسان اقتصادي مشڪلاتن مان نڪري اينداسين، وزيراعظم ح??رانگي جو اظهار ڪيو ته جن آءِ ايم ايف سان هن وقت تائين جو بدترين معاهدو ڪيو ۽ انتهائي غلط معاشرتي فيصلا ڪيا ڇا هو سچ جو منهن ڏسڻ جي همت رکن ٿا؟ هن چيو ته قوم هن وقت جنهن معاشي مشڪلاتن مان گذري رهي آهي، ان جو ذميدار پاڻ کي ڪيئن بري زمان قرار ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته هو ??ڳو??ي پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف معاهدي جي باري ۾ قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندو.