اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراه?? ايئر ??يف مارشل ظهير احمد بابر سڌو چيو آهي ته عدل، انصاف ۽ انساني وقار جي سربلندي لاءِ ضروري آهي ته عالمي برادري اهڙا عملي قدم کڻي، جنهن سان ڀارت کي ڪشميرين جي خلاف پنهنجا موجوده غيرقانوني قدم وا??س وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي وا??اريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ۽ آبادي جي تناسب ۾ غيرقانوني تبديلي، جاري ڀارتي فوجي گهيراءُ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ڏس ۾ وا??اريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر عوام جي ڀارتي غاصباڻي قبضي جي خلاف امن جي جدوجهد ۾ ان سان گڏ بيهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عدل، انصاف ۽ انساني وقار جي سربلندي لاءِ ضروري آهي ته عالمي برادري اهڙا عملي قدم کڻي جنهن سان ڀارت کي ڪشميرين جي خلاف پنهنجا موجوده غيرقانوني قدم وا??س وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي. ڀارت کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته هر ڪشميري جي شهادت ۽ هر گهر جي تباهي سان ڪشميرين جي ڀارتي قبضي مان آزادي جي عزم کي وڌيڪ سگهه ملندي. ايئر ??يف چيو ته اسان سدائين پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي حقيقي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين.