حيدرآباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالا??ي پاران ڀارت پاران مظلوم ڪشميرين تي جاري استحصال ۽ گهيراءُ جي خلاف سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ چيو ته ڪش??ير جي اصل رهواسين جي حقن جي خلاف ڪيل قانونسازي انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، ڀارت مظلوم ڪشميرين جو ??ستحصال ۽ گهيراءُ ختم ڪري. شاگردن جي معاملن واري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر تنوير حسين ڦلپوٽو چيو ته ڪشميري ويجهي ماضي جي تاريخ جا سڀ کان وڏا مظلوم آهن، ڀارت ڪشميرين جي حقيقي آزادي کسي انهن جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، ڪاري قانون تحت ڪش??ير جي اصل رهواسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿي ٿي سگهي، ڀارت جي ان عمل کي رد ڪريون ٿا. ان موقعي تي سيمينار کي اسٽوڊنٽس افيئرز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شعيب شيخ، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي شاگرد وقاص ماڪا، بي ايس انگلش جي شاگردياڻي پرهه ۽ ميڪا ٽرانڪس انجنيئرنگ جي ??ما?? راجپوت ڪش??ير جي موضوع تي تقريرون ڪندي چيو ته پاڪستان جو هر ٻار ڪش??ير جي آزادي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ڪش??ير پاڪستان جي شهه رڳ آهي جلد ان تان ڀارت جو ??اضابطا قبضو ختم ڪرايو ويندو.