اسل??م آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شه??از شريف هدايت ڪئي آهي ته عالمي ادارن کي ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين تي بريفنگ ڏني وڃي ۽ انهن کي و??اقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران جاري ريليف ۽ بحالي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف سرندي وارن کي پرائيم منسٽر فلڊ ريليف فنڊ ۾ دل کولي عطيا جمع ڪرائڻ ??ي اپيل ڪئي آهي. بيان موجب وزيراعظم متاثر علائقن ۾ 40 هزار تنبو ۽ هڪ لک راشن جا پيڪيٽس فوري طور تي موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل سمورن ادارن کي متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ايمرجنسي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم محمد شه??از شريف ملڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي بابت معاملن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن ??ي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري و??اقي و??ير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي و??ير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري و??اقي و??ير شيري رحمان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ميمبر اويس لغاري، اين ڊي ايم اي چيئرمين جنرل اختر نواز ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.