اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي مخ??لف اسٽيشنز تي 118 ايڊيشنل اٽارني جنرل، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي خدمتن تان هٽائڻ ۽ مخ??لف اسٽيشنز تي 128 وڪيلن جي بطور ايڊيشنل اٽارني جنرل، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل جي مقرري جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چوڌري عامر رحمان جي ايڊيشنل اٽارني جنرل چار، اسلام آباد مان ايڊيشنل اٽارني جنرل هڪ، اسلام آباد ٽرانسفر جي پڻ منظوري ڏني. مرزا نصر احمد جي ايڊيشنل اٽارني جنرل هڪ، لاهور مان ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻه، لاهور ٽرانسفر جي پڻ منظوري ڏني. وزير ولايت علي جو بطور ڊپٽي اٽارني جنرل، گلگت بلتستان مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ واپس وٺڻ جي منظوري ڏني. صدر خدمتن تان هٽائڻ جي منظوري سي??ٽرل لاء آفيسرز ??رڊ??ننس 1970ع تحت ڏني. عهدو ڇڏيندڙ ۽ مقررين جي منظوري قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سمري تي ڏني وئي.