اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان فتنو، فساد، انتشار پکيڙڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ل??ءِ هر جڳهه جو دورو ڪري سگهي ٿو پر ٻوڏ سٽيلن سان ملڻ ل??ءِ نه ٿو وڃي سگهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو ڪراچي جو دورو برساتن جي ڪري ملتوي ٿيڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته مديني تي سياست، ڪوويڊ تي سياست، احتساب تي سياست، فتني فساد، انتشار پکيڙڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ل??ءِ عمران خان هر جڳهه جو دورو ڪري سگهي ٿو پر ٻوڏ سٽيلن سان ملڻ جي ل??ءِ نه ٿو وڃي سگهي، بشريٰ بي ??ي اسلامي ٽچ جي ڪري منع ڪيو آهي.