اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سنگين ڏوهن جا الزام ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ما??يندڙ 5 ڏوهارين جي ر??م جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد شعبان ولد محمد انور جي ر??م جي اپيل رد ڪري ڇڏي، محمد شعبان کي ٽن سالن جي ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. محمد ع??ران ولد فقير محمد جي ر??م جي اپيل پڻ رد ڪئي وئي، محمد ع??ران گهريلو جهيڙي کانپوءِ پنهنجي زال ۽ ٻن ڌيئرن کي ڪات سان قتل ڪيو هو. صدر محمد افضل ولد محمد اصغر علي جي اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي آهي، محمد افضل کي والدين ۽ 6 ڀينرن ڀائرن سميت پنهنجي خاندان جي 8 ما??هن کي قتل ڪرڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد اڪبر ۽ محمد اصغر ولد محمد اڪرم جي ر??م جي اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي، محمد اڪبر ۽ محمد اصغر ٻن ما??هن کي معمولي جهيڙي کانپوءِ قتل ڪيو هو. صدر آئين جي آرٽيڪل 45 تحت انهن اپيلن کي ر?? ڪيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 45 تحت صدر ڪنهن به عدالت، ٽربيونل يا ٻي اٿارٽي پاران ڏني ويندڙ سزائن کي معاف ڪرڻ، معطل ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو.