اسلام ڪوٽ – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿر ??ول کي معاشي ترقي جي لاءِ گيم چينجر قرار ڏيندي چيو ??هي ته 1996ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جڏهن هن علائقي جي دوري تي آئي ته هتي صحرا هو پر هاڻي ٿر تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، ٿر ??ول منصوبو علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي. دن??ا ۾ ڪوئلي جي قيمت 67 ڊالر في ٽن مان گهٽ ٿي 44 ڊالر تي اچي وئي ??هي ۽ اها وڌيڪ گهٽ ٿي 30 تائين اچڻ جو امڪان آهي، ٿر جي ڪوئلي سان هن وقت پيدا ٿيندڙ بجلي جي جيڪا قيمت ??هي اها گهٽ ٿي 10 رپيا في يونٽ ٿي ويندي، ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪندڙ سمورن پاور پلانٽس کي ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ٿيڻو پوندو، سي پيڪ تحت توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري چين جو تمام وڏو تحفو آهي، ريلوي لنڪ سان ٿر جي ڪوئلي جي سڄي ملڪ ۾ پهچ ۾ آساني ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٿر انرجي بلاڪ ٽو ۽ ٿر ??ول مائنز ٽو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، بجلي وارو وفاقي وزير خرم دستگير خان، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، سنڌ و وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ ۽ ٻيون اهم شخصيتون موجود ه??ون. وزيراعظم چيو ته مشڪلاتن جي باوجود منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي حبڪو چيئرمين ۽ ان جي ٽيم سميت سڀني کي مبارڪباد ڏيان ٿو. 1996ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جڏهن هن علائقي جي دوري تي آئي ته هتي صحرا هو پر هاڻي ٿر تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي. ٿر ??ول منصوبو علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي. دن??ا ۾ ڪوئلي جي قيمت 67 ڊالر في ٽن مان گهٽ ٿي 44 ڊالر تي اچي وئي ??هي ۽ اها وڌيڪ گهٽ ٿي 30 تائين اچڻ جو امڪان آهي، ٿر جي ڪوئلي سان هن وقت پيدا ٿيندڙ بجلي جي جيڪا قيمت ??هي اها گهٽ ٿي 10 رپيا في يونٽ ٿي ويندي. ٿر ??ول جديد ٽيڪنالاجي سان مڪمل ٿيندڙ منصوبو آهي. ٿر جي ڪوئلي سان بجيل جي پيداوار سان وڏي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ٿر ۾ 175 ملين ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن ۽ هڪ لک ميگاواٽ بجلي جيڪڏهن اسان پيدا ڪريون ته اهو 300 سالن جو خزانو آهي. اسان کي اهڙي پاليسي ٺاهڻ گهرجي جو ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪرڻ جا 4 هزار ميگاواٽ جا جيڪي ڪارخانا آهن انهن کي به ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪيو وڃي. دن??ا ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن جي ڪري اسان کي سنجيدگي سان ان تي غور ڪرڻو پوندو. توانائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ 24 ارب ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن، ڪوئلي مان فائدو کڻي ملڪي صنعتون ترقي ڪنديون، سستي مصنوعات پيدا ٿيند??ون. عورت ٽرڪ ڊرائيور سان به ملاقات ٿي آهي. ٿر ۾ حڪومت جي قدمن سان هزارين ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا ميسر اچي رهيا آهن. هن چيو ته سي پيڪ ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي ۽ توانائي جي شعبي جي حو??لي سان قدمن جو جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان فائدو نه کڻڻ ۽ قوم جي محرومين کي گهٽ نه ڪرڻ تمام وڏي غلطي آهي. ٿر جي ڪوئلي سان پوري پاڪستان کي فائدو ڏئي سگهجي ٿو. ڪوئلي جي پهچ جي لاءِ ريلوي جو هڪ ٺوس نظام بڻائڻو پوندو. ان حو??لي سان وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون گڏجي ڪم ڪند??ون. سنگل ريلوي لائين جي لاءِ معاهدو ٿي چڪو آهي. ريلوي جو منصوبو مڪمل ٿي ويو ته ان سان ٿر جو ڪوئلو ملڪ جي چئني طرف پهچندو ۽ ساليانو 5 کان 6 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي. بجلي جي پيداوار جي ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ حبيب بئنڪ، چائنا ڊيولپمينٽ بئنڪ مالي معاونت ڪئي آهي. ٿر ??ول ملڪي معاشي ترقي جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو.