اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چين هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ موجود رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوور??يز جي وفد اسلام آباد ۾ ملا??ات ڪئي. وفد جي قيادت چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوور??يز جي صدر زانگ گيوليانگ ڪئي. ملا??ات دوران وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چين هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ موجود رهيو آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تب??هي جو مقابلو ڪرڻ ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ جاري ڪمن ۾ چين پاڪستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوور??يز پاران ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ وزيراعظم جي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ پيش ڪيو ويو. ملا??ات ۾ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ پڻ شريڪ ٿيا.