اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي سان جاپان لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير رضا بش??ر تارڙ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي نامزد سفير سان ??الهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ موجوده ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جاپان ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ اقتصادي، ڪاروباري لاڳاپن ۽ انساني وسيلن جي ترقي اتي ڌيان ??يڻو پوندو. صدر فيٽف ۾ جاپان جي پاڪستان جي لاءِ مسلسل حمايت کي ساراهيندي چيو ته نامزد سفير پاڪستان جي واجب الادا قرضن جي ادائيگي معطل ڪرڻ جي لاءِ فيصلي تي جاپان جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته بنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو 2.56 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. صدر پاڪستان سان جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) جي ترقياتي تعاون کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته نامزد سفير ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون جي نئين ۽ اعليٰ سطحي تي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري. ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو ته جاپان ۾ آءِ ٽي، انساني وسيلن، آن لائين خدمتن جي فراهمي ۽ جاپاني تعليمي ادارن ۽ صنعت سان تعاون جي لاءِ نوان رستا ڳوليا وڃن. صدر چيو ته جاپان پاڪستان جي ترقي لاءِ اڻٿڪ تعاون ڪيو آهي، تاريخ ۾ مجمو??ي طور تي اٽڪل 13 ارب ڊالر جي امداد سان جاپان جو ٻيو وڏو حصيدار آهي. هن پاڪستاني مصنوعات کي جاپاني منڊين ۾ ڊيوٽي فري پهچ ڏيڻ، ٽيرف گهٽ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.