اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته توانائي جي مقامي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ حڪومت جي ??ولين ترجيح آهي، ٿر جو ڪوئلو اسان جي ??وانائي ضرورتن کي بهتر طور پورو ڪري سگهي ٿو، اسان درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي سان سستي بجلي پيدا ڪنداسين. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شري?? ٿرڪول جي پهچ جي ??والي سان جائزه اجلاس جي ??دارت ڪئي. ريلوي واري سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت موجب پاڪستان ريلوي 23 مارچ 2023ع تائين ڇور کان اسلام ڪوٽ (ٿرپارڪر) 105 ڪلوميٽر ڊگهو ٽريڪ وڇائي ٿر جو مقامي ڪوئلو سڄي ملڪ ۾ موجود بجلي گهرن، سيمنٽ ۽ سرهون ٺاهڻ جي ڪارخانن کي مهيا ڪري سگهندو. منصوبي جي مجموعي لاڳت 58 ارب رپيا آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي ??وبائي حڪومت جو اڌواڌ حصو آهي. وزيراعظم منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ??ربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي ۽ انهن کي هدايت ڪئي ته ٿرڪول مان ڪوئلي جي ??ستيابي ۽ مقامي منڊي ۾ ان جي ??لب جو ڪاٿو لڳائي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪن. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان، ڊي جي ??يف ڊبليو او، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ ماهر شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم جي ??لاحڪار احد چيما، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود، سنڌ جي ??وانائي واري وزير امتياز احمد شيخ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.