اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب وڌ??دڙ آبادي جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ صوبن ۾ جدا وزارتون قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته هل??دڙ سال دنيا جي آبادي 8 ارب ۽ پاڪستان جي 23 ڪروڙ ٿي وئي آهي، گذريل 75 سالن ۾ پاڪستان جي آبادي 3 ڪروڙ مان 23 ڪروڙ ٿي وئي، 2030ع ۾ پاڪستان جي آبادي 26 ڪروڙ 30 لک ۽ 2050ع ۾ 33 ڪروڙ 80 لک ٿيڻ جو امڪان آهي. آبادي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ بڻجي چڪو آهي، وڌ??دڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جلد نيشنل ايمرجنسي پلان ڏنو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف اي??دڙ هفتي نيشنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪيو آهي. نيشنل ٽاسڪ فورس ۾ صوبن کي نمائندگي ڏني وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاپوليشن ڪائونسل جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين جي تباهي وانگر وڌ??دڙ آبادي به خطري جي گهنٽي آهي، آبادي وڌي ٿي ته تعليم، صحت ۽ خدمتن جهڙا مسئلا به پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم، صحت ۽ خدمتن جهڙا مسئلا صوبن جي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي 2 سيڪڙو ساليانو جي رفتار سان وڌي رهي آهي. اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڌ??دڙ آبادي جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير قومي اهميت جي انهن مسئلن تي قومي بيانيو جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بيانيو جوڙڻ ۾ سمورين ڌرين کي شا??ل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومتي سطح تي اهڙن مسئلن تي کلي بحث ٿيڻ گهرجي، ان جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مريم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جي نتيجي ۾ قوم تازو ئي وڏي تباهي کي منهن ڏنو. تباهي آڻي??دڙ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ ٻار ۽ عورتون شديد متاثر ٿيو??، ماضي ۾ پارليامينٽ ۾ ٿي??دڙ قومي ڪانفرنس جي منظور ڪيل پڌرنامي ۾ هدفن جو واضح تعين ٿيو هو. ڪانفرنس جي پڌرنامي تي صوبن جون صحيحون به آهن، انهن هدفن ۽ تجويز ڪيل قدمن جي بحالي جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهڙي طرح پاليسي سازي، قانونسازي ۽ بيانيو جوڙن سان گڏوگڏ گهربل هدف حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ منصوبابندي کاتو عوام کي انهن مسئلن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردا ادا ڪيو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير وڌ??دڙ آبادي جي حوالي سان ڊيجيٽل ميڊيا ت?? آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ بيانيو جوڙڻ ۾ پاپوليشن ڪائونسل کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.