اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته زبانون بند ڪرڻ وارا اڄ روڊ بند ڪري رهيا آهن، عمران خان جي ڪري ??لڪ ۾ فساد، انتشار ۽ نفرت پکڙيل آهي، عمران خان رستا بند ڪري ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو؟ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جي ڪري اڄ اسڪولن ۽ اسپتالن جا رستا بند آهن، عمران خان ??يڪ?? پيسو رستا بند ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ تي خرچ ڪري رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرين ج?? بحالي تي لڳائي چڏي ها، عمران نيازي ??يڪ?? پيسو باهه لڳائڻ ۾ لڳائي رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرين جي کاڌي پيتي ۽ گرم ڪپڙن تي لڳائي ڇڏي ها. هن چيو ته ??يڪ?? پيسو ٽائر ساڙڻ تي لڳائي رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرن جي چلهي ٻارڻ ۾ لڳائي چڏي ها، عمران خان ??يڪ?? پيسو اسڪول ۽ اسپتال بند ڪرائڻ تي لڳائي رهيو آهي اهو پ??جاب ۽ خيبرپختواهه ۾ اسڪول ۽ اسپتالن تي لڳائي ڇڏي ها. هن چيو ته عمران نيازي جو ??قصد ??لڪ ۾ انتشار، فساد ۽ فتنو پکيڙڻ آهي، هي اهو ڊهيٽ ۽ فسطائي ماڻهو آهي، جنهن ٻوڏ متاثرين جي امداد تي به سياست ڪئي، عمران نيازي چئن سالن تائين عوام کي کاڌي پيتي، بجلي، گيس، دوا کسي ۽ روزگار بند ڪيو ۽ اڄ روڊ بند ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چار سال عوام جي دوا بند ڪرڻ وارو اڄ مريضن جو رستو بند ڪري رهيو آهي.