اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخ، گڏيل ميراث ۽ عوام سان عوام جي مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي مضبوط کا?? مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن، برطانيا پاڪست??ن جو سڀ کا?? وڏو يورپي واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي رفتا سان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ترقي جا تمام گهڻا امڪان آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موج?? وزيراعظم سان برطانيا جي پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جي فروغ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ ڊاڪٽر ٽرنر جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين سان ايندڙ ٻوڏ جي متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لا??ِ برطانيا جي تعاون ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جي فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي 17 سالن کا??پوءِ پاڪست??ن جي دوري جي لا??ِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي هاءِ ڪمشنر جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ برٽش ايئر ويز جي ڪمرشل فلائيٽ آپريشن جي بحالي ۾ ??ن جي نمايان ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم هاءِ ڪمشنر جي لا??ِ مستقبل ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.