اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوئيٽزرلينڊ ۾ عالمي اق??صا??ي فورم ج?? اجلاس جي موقعي تي ڏکڻ آفريقا جي عالمي لاڳاپن ۽ تعاون جي وزير سان ملاقات ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي اق??صا??ي فورم ج?? اجلاس جي موقعي تي ڊاڪٽر نا??يڊي پنڊور سان ملي خوشي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ ه?? سطح تي پراڻا مضبوط لاڳاپا قائم آهن. ڏکڻ آفريقا جي پرڏيهي وزير سان گڏيل دلچسپي جي عالمي معاملن تي سٺي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ٻوڏ کانپوءِ ڏکڻ آفريقا جي حمايت ۽ يڪجهتي جي تعريف ڪئي. ملاقات دوران واپار ۽ سيڙپڪاري ج?? حوالي سان اسان جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.