اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراع??م سردار تنوير الياس خان چيو آهي ته ڀارت دنيا آڏو پاڻ کي جم??ور?? ۽ سيڪيولر ملڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو پر اتي اقليتون محفوظ ناهن، ڀارت جو نام نهاد يوم جم??ور??ه اسان لاءِ ڪارو ڏهاڙو آهي. سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ پاڪستاني اڄ جو ڏينهن ڪاري ڏهاڙي طور ملهائي رهيا آهن. ڀارت جو نام نهاد يوم جم??ور??ه جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چ??و ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن هر اها قرباني ڏني جنهن جو مثال نٿو ملي. ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ لاءِ ڪشميرين پنهنجي ٽئين نسل قربان ڪري ڇڏ?? آهي، ڀارت گڏيل قومن ۾ ڪشميرين کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ جي پنهنجي ئي واعدي کان ڦري رهيو آهي. وزيراعظم آزاد ڪشمير چيو ته ڪشمير ڪنهن صورت ڀارت جو حصو ناهي ۽ نه ڪڏهن بڻجي سگهي ٿو. ڪشميري پاڻ کي پاڪستاني سمجهن ٿا ۽ پاڪستان جي تڪميل جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هندوستان جو مڪروه ۽ انسانيت جو قاتل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿيو آهي. ڀارت ڪشمير تي قبضو ڪري رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته جم??ور?? ۽ سيڪولر ملڪ جي دعويٰ ڪندڙ هندوستان دنيا کي دوکو ڏيندڙ سڀني کان وڏو فرا?? آهي. ڀارت ڪشميري ماءُ، ڀينرن، بزرگن ۽ ٻار?? تي انسانيت سوز ظلم ڪيا. وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڻ کي جم??ور?? ملڪ چورائڻ جي لائق ناهي، ست ڏهاڪن کان هندوستان پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم جو بازار گرم ڪيو آهي. والاريل ڪشمير جي مسلمانن کان علاوه ڀارت جي ڪيترين ئي رياستن ۾ ماڻهو آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هندوستان ۾ اقليتن لاءِ ڪا جاءِ ناهي.