ا??لا?? آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري اداڪار، هدايتڪار ۽ ميزبان ضي??ءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي گهري ??ک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ضيآءَ م??ي الدين هڪ اهڙو ادبي شخصيت هو جنهن جي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي انداز کي عالمي شهرت نصيب ٿي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ضيآءَ م??ي الدين پاڪستان کان ٻاهر وڃي به ٿيٽر ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. هن پاڪستان ٽيليويزن تان ”پائل“، ”چچا ڇڪن“، ”ضي??ءَ سان گڏ“ ۽ ”جو جاني وه جيتي“ جهڙا مشهور پروگرام پيش ڪيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنهنجي خوبصورت آواز ۾ اردو ادب جا فن پارا پيش ڪري ضي??ءَ محي الدين وڏو نالو ڪمايو. مرحوم جي شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن ضي??ءَ محي الدين جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جمي?? عطا فرمائي.