ڪراچي – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ ان??ورنس جي شعبي ۾ وڌيڪ شف??في?? آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان قدم سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان جي نتيجي ۾ معيشت مضبوط ٿيندي، سٺي ان??ورنس ۽ بئنڪنگ مصنوعات ”بئنڪ ايشورنس“ جي شعبي ۾ ماڻهن جي اعتماد سان گڏوگڏ معيشت ۾ ليڪويڊيٽي جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندي. صدر اها ڳالهه گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي ان??ورنس محتسب جي اهتمام هيٺ ”بئنڪ ايشورنس ۾ شف??في?? ۽ محتسب جي ڪردار“ جي عنوان سان منعقد ڪانفرنس دو??ان چئي. ڪانفرنس ۾ وفاقي بئنڪنگ محتسب ڪام??ان شهزاد، وفاقي ان??ورنس محتسب خاور جميل، چيئرمين ان??ورنس ايسوسيئيشن آف پاڪستان محمد حسين هرجي، بئنڪنگ ۽ ان??ورنس انڊسٽري جي عهديدارن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته اهو رياست جو فرض آهي ته اها بئنڪنگ ۽ ان??ورنس انڊسٽري کي ترقي ۽ شف??في?? آڻڻ جي لاءِ هڪ ريگيوليٽري فريم ورڪ فراهم ڪري. هن ان??ورنس انڊسٽري تي زور ڏنو ته اها چيڪ اينڊ بيلنس ۽ فلٽرنگ مڪينزم کي بهتر بڻائي ۽ پاليسي هولڊرز کي ان??ورنس پاليسيون جاري ڪرڻ کان اڳ مناسب احتياط ڪري، ان کانسواءِ ان??ورنس ڪليمز کي وقت سر ۽ شفاف طريقي سان ادا ڪيو وڃي. صدر وڌيڪ چيو ته ان??ورنس سيڪٽر کي مضبوط بڻائڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي ۽ مل جي جي ڊي پي ۾ ان??ورنس سيڪٽر جي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ ان??ورنس سيڪٽر جو حصو هڪ سيڪڙو کان گهٽ آهي جڏهن ته ٻين علائقائي ملڪن ۾ اهو 3 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي. صدر چيو ته ان??ورنس سيڪٽر عام ماڻهن جي لاءِ منافعو ڏيندڙ مصنوعات پيش ڪري سگهي ٿو ته جيئن منافعو ڏيندڙ سيڙپڪاري جي لاءِ ماڻهن کي بچتن کي ترغيب ڏئي سگهجي ۽ معيشت کي سهارو ڏئي سگهجي. هن ملڪ جي دولت کي گردش ۾ رکڻ جي لاءِ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ رکيل رقم کي معيشت جي ٻين پيداواري شعبن ۾ منتقل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته فصل جي بيمي ۽ سماجي ان??ورنس جهڙي نئين مصنوعات کي موجوده موسمي حالتن جي ڏس ۾ متعارف ڪرائڻ گهرجي. صدر چيو ته ان??ورنس جي مصنوعات ۽ خدمتن تي ماڻهن جو اعتماد پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاليسي وڪرو ڪرڻ وقت ماڻهن کي ان??ورنس پاليسين بابت صحيح معلومات فراهم ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته بيمي ۽ بئنڪنگ سيڪٽر جي سيلز فورس پا??ان فيئر پلي جي ذريعي صارفين جو اعتماد کٽڻ جي لاءِ بهترين طرز عمل اختيار ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي ان??ورنس محتسب خاور جميل شرڪت ڪندڙن کي اداري جي ڪارڪردگي ۽ ترقي بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته گذريل سال دو??ان شڪايت ڪندڙن کي 2.57 ارب رپين جي لاڳت جو مالي ريليف فراهم ڪيو ويو، اهو وفاقي ان??ورنس محتسب ۾ تڪرارن جي دوستاڻي حل ۽ شڪايتن جي ازالي جي موثر نظام جي ذريعي ممڪن ٿيو آهي. ان کان اڳ صدر متاثرين ۾ چيڪ پڻ ورهايا.