پشاور – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جي وفد سان گڏ جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي امير ??ول??نا فضل الرحمان جي ابا??ي رهائشگاهه عبدالخيل ۾ مذهبي معاملن واري وزير عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي ساڻس ت??زيت ڪئ??. و??اقي وزير قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ پيپلزپارٽي جي چيئرمين سان گڏ هئا. بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفد جي ٻين ميمبرن مفتي عبدالشڪور جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ ??ول??نا ضياءَ الرحمان پيپلزپارٽي جي وفد جو عبدالخيل پهچڻ تي استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو خصوصي پيغام ??ول??نا فضل الرحمان کي پهچايو. ملاقات ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان حڪمران اتحاد جي ڳالهين بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا.