راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي ??وامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ??لزامن کي من گهڙت ۽ بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته ادارو ڪوڙ، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حق م??فو?? رکي ٿو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بنا ثبوتن جي ??نتهائي بي بنياد الزام لڳايا آهن، حاضر سروس فوجي ??فيسرن تي بنا ثبوتن جي ??لزام انتهائي غيرذميوارڻا ۽ بي بنياد آهن، گذريل هڪ سال کان فوجي ۽ انٽيلي جنس اهلڪارن کي چڙ ڏياريندڙ ۽ سنسني خيز پروپيگنڊا ذريعي سياسي مقصدن لاءِ نشانو بڻايو پيو وڃي، لاڳاپيل ا??وا??ن کي چئون ٿا ته هو ڪوڙا الزام لڳائڻ بند ڪن ۽ قانوني رستي جو سهارو وٺن. ادارو واضح طور تي ڪوڙن، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ڪارروائي جو حق م??فو?? رکي ٿو.