اسلام آباد ??? 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اوسلو ۾ ناروي جي پارليامينٽ جي پرڏيهي معاملن ۽ دفاع بابت ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي جن جي سربراهي چيئرپرسن اين سورائيڊ ڪري رهي هئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل ڳڻتي جي علائقائي ?? عالمي معاملن ?? عالمي امن کي لاحق خطرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. مملڪتي وزير ناروي تي زور ڏنو ته هو عالمي تڪرارن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. حنا رباني کر گذريل ڏينهن اوسلو پهتي هئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير 5 کان 13 جون تائين يورپ جي 4 ملڪن ناروي، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ بيلجيئم جي سرڪاري دوري تي آهي.