اسلام آباد_ 16 جون(اي پي پي) طوفان بپر جوائي کي نظر ۾ رکندي محفوظ هوائي سفر جي حوالي سان س??ورن ايئر لائنز لاءِ هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سول اي??ي ايش?? اٿارٽي جي ترجمان طرفان جمعي تي جاري بيان مطابق اهو هدايت نامو (نوٽم) تيز هوائن جي امڪان سبب جاري ڪيو ويو آهي جيڪو جمعي جي رات 12 وڳي ??ائين جاري رهندو. اٿارٽي طرفان هدايت نامو ڪراچي، سکر، موهن جو??ڙو ۽ نوابشاهه ايئرپورٽس لاءِ جاري ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته انهن ايئرپورٽس تي هوا جي رفتار 30 ناٽس هجڻ جي صورت ۾ لينڊنگ يا ٽيڪ آف جي اجازت نه هوندي.