گڏيل قومون-03 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل فلسطين مسئلي تي اعليٰ سطحي اجلاس 23 جنوريءَ ??ي ٿ??ندو. روسي خابرو اداري مطابق سلامتي ڪائونسل جي جنوريءَ ۾ صدارت ڪندڙ ملڪ فرانس جي مستق?? نمائندي نيڪولس ڊي ريوير پ??يس ڪانفرنس دوران ٻُڌايو ته 23 جنوريءَ ??ي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ فلسطين سان گڏوگڏ خطي جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اجلاس ۾ وچ اوڀر جي ملڪن سوڌو ڪيترائي وزير شرڪت ??ندا. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي غزه ۾ جنگبنديءَ ??و مطالبو ڪرڻ گهرجي ۽ فسلطين ۽ اسرائيل تڪرار جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ گهرجي. فرانس جي ايلچي چيو ته اسان شهرين جي حفاظت جا پابند آهيون. غزه ۾ ترسيل 20 لک شهري جن ۾ ٻارڙا، پيرسن ۽ عورتون شامل آهن، اهي سڀ دهشتگرد ناهن. هن چيو ته رفح ۽ ڪريم شالوم ڪراسنگ غزه کي ضروري انساني امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن. ان مسئلي جي حل لاءِ قبرص کان امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سامونڊي راهداري کولڻ گهرجي.