اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته حڪومت هر سطح تي بدعنواني کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ لاءِ پرعزم آه??، اسان پنهن??ي ايندڙ نسلن لاءِ شفاف، مضبوط ۽ جوابدار معاشري جي قيام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 9 ڊسمبر تي ڪرپشن جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جيڪو اسان سڀني کي پنهنجي معاشرن کي درپيش بدعنواني جو مقابلو ڪرڻ جي عالمي ڪوششن جي ياد ڏياري ٿو. هن سال جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”بدعنواني خلاف نوجوانن سان متحد ٿيڻ ۽ سڀاڻ جي سالميت جي جوڙجڪ“ بجا طور تي ان اهم ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو جيڪو اسان جا نوجوان بدعنواني خلاف جنگ ۾ ادا ڪري سگهن ٿا. اسان جي نوجوان نسل هڪ اهڙي مستقبل جو حقدار آه?? جيڪو ڪرپشن کان پاڪ هجي. پاڪستان اڄ عالمي برادري سان گڏ??ي ان وچن جي تجديد ڪري ٿو ته پنهن??ي ايندڙ نسلن لاءِ شفاف، جامع ۽ جوابده معاشري جي جوڙجڪ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن چيو ته ڪرپشن ۽ بدعنواني هڪ اهڙو مڪروه عنصر آه?? جيڪو ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي کي نقصان پهچائي ٿو ۽ معاشري جي سماجي حيثيت کي تباهه ڪري ٿو، هي قومن کي انهن جي صلاحيتن کان محروم ڪري ٿو ۽ ماڻهن کي منصفاڻي حڪمراني ?? برابري جي موقعن جي فائدن کان لطف اندوز ٿيڻ کان روڪي ٿو، هي عو??مي خدمتن جي فراهمي کي به بري طرح متاثر ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته ترقي جي لاءِ دسياب وسيلا صحيح طور تي استعمال نٿا ٿين ان ڪري معاشري ۾ اڻبرابري پيدا ٿئي جيڪا عام شهرين جي زندگين کي متاثر ڪري ٿي، هي بدعنواني حڪومتن ۽ ان جي شهرين وچ ۾ عدم اعتماد جو هڪ وڏو سبب آه??. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت هر سطح تي بدعنواني کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ لاءِ پرعزم آه??. قومي احتساب بيورو (نيب) ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙا دارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آه?? ته جيڪي ماڻهو طاقت جو غلط استعمال ڪن ٿا ۽ عوام جي محنت مان ڪمايل آمدني کي لٽين ٿا انهن کي پنهن??ي اعمالن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. اسان پنهن??ي ادارن جي محنت کي ساراهيون ۽ معاشري مان بدعنواني کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ ??ي ان اهم ڪم ۾ انهن سان گڏ بيٺل آه??ون. وزيراعظم چيو ته حڪومت اڪيلي سر ڪرپشن خلاف جنگ کٽي نٿي سگهي، ان لاءِ هر شهري، هر اداري جي اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آه??. هن چيو ته بدعنواني کي بي نقاب ڪرڻ ۾ ميڊيا جو فعال ڪردار آه??، هي ڏينهن انصاف ۽ ديانت تي يقين رکندڙ سمورن ماڻهن کان فعال شرڪت جو مطالبو ڪري ٿو. شفاف ۽ جوابدار معاشري جي تعمير اسان مان هر فرد جي ذميواري آه??. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مان سمورن پاڪستانين کي اپيل ڪريان ٿو ته هو بدعنواني کان پاڪ مستقبل لاءِ اسان جي جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اچو ته اسان گڏجي بيهون، هڪ اهڙو پاڪستان بڻائڻ جي پنهنجي عزم ۾ متحد ٿي وڃون جتي عو??مي وسيلن کي اسان جي ماڻهن کي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ موثر طريقي سان استعمال ڪري سگهجي. اچو هڪ اهڙي مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪريون جتي قانون جي حڪمراني هجي ۽ جتي احتساب سڀني لاءِ بنياد آه??.