اسلام آباد – 03 فيب??ور?? (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عو??ڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جو بنياد مذهب، ثقافت ۽ گڏيل اعتماد تي قائم آهي، ملائيسيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جي گذريل سال پاڪستان جي ڏهاڙي تي اچڻ ۽ پريڊ جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي دوستي جو مظهر آهي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??وئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملائيشيا جو ٻ??و دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن مضبوط لاڳاپن جو عڪاس آهي.