اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته خالد مقبول صديقي جي وفاق?? وزير جي عهدي تان استعيفيٰ منظور ڪري و??تي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان وزيرن جي قلمدانن ۾ تبديلي ڪئي آهي جڏهن ته نئين وزيرن کي پڻ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سيد فخر امام کي خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاق?? وزير، مخدوم خسرو بختيار کي اقتصادي معاملن وارو وفاق?? وزير، حماد اظهر کي صنعت وارو وفاق?? وزير، اعظم سواتي کي منشيات جي خاتمي و??رو وفاق?? وزير، ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي پارلياماني معاملن وارو صلاحلڪار ۽ امين الحق کي ٽيلي ڪميونيڪشن جي وفاق?? وزير جا قلمدان ڏنا ويا آهن.