اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??رو??تمند گهراڻن کي روڪ رقم جي منتقلي جي پروگرام جي سلسلي ۾ ڀارت کي مدد فراهم ??رڻ جي آڇ ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي ??يغ??م ۾ وزيراعظم انگريزي اخبار جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان رپورٽ م??جب ڀارت ۾ 34 سيڪڙو گهراڻا مدد فراهم نه ??رڻ جي صورت ۾ هڪ هفتي کان وڌيڪ زنده رهڻ جي قابل نه هوندا، هن چيو ته اسان جي حڪومت 9 هفتن جي دوران هڪ ڪروڙ خاندانن کي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ 120 ارب روپين جي روڪ رقم شفاف طريقي سان فراهم ڪئي آهي، اسان جي ان پروگرام کي عالمي طور تي ساراهيو ويو آهي، وزيراعظم آڇ ڪئي ته هو ان طرح پروگرام جي لاءِ ڀارت کي مدد ۽ معاونت فراهم ??رڻ جي لاءِ تيار آهي.