اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي مريضن جي لاءِ بيڊز ۽ آڪ??يجن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته علائقائي ۽ عالمي تجربي کي سامهون رکندي اها ڳالهه واضح ٿي وئ?? آهي ته ڪورونا جي روڪٿام جي حوالي سان اختيار ڪيل حڪمت عملي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن، سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مقامي اڳواڻن ۽ ڪميونٽي جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ٽائيگر فورس جون خدمتون به حاصل ڪيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال ۽ وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان اختيار ڪيل حڪمت عملي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال، سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ آڪ??يجن بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي صورتحال، آڪ??يجن جي طلب ۽ سپلاءِ، ملڪ جي وڏن شهرن جي متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ ۽ عيدالاضحيٰ جي حوالي سان تيار ڪيل ايس او پيز بابت معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. وزيراعظم کي چئني صوبن، آزاد ڄمن ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اسپتالن ۾ ڪوويڊ جي لاءِ مخصوص بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئ??.