اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي سينسرشپ نه آهي، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪس وانگر صحافي به ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ پهرين صف ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، محدود وسيلن جي باوجود ملڪ جي ڏورانهن علائقن جي پريس ڪلبن جي مالي مد?? جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي خاص هدايتن تي پريس ڪلبن جي مالي مد?? ڪئي پئي وڃي. هو ملڪ جي مختلف پريس ڪلبن جي عهديدارن ۾ مالي مد?? جا چي?? ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد سميت سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن جا عهديدار ان تقريب ۾ شريڪ هئ??. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي لاءِ اڄ خوشي جو ڏينهن آهي ته آئون سڄي ملڪ جي مختلف پريس ڪلبن جي عهديدارن سان ملاقات ڪري رهيو آهيان. اطلاعات واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ سن??س ٽيم جيڪا ڪوشش ڪئي آهي اها ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان جي پراڻي خواهش ۽ واضح هدايتون هيون ته ڪلبز ۽ صحافي برادري جي هر ممڪن مد?? ڪئي وڃي ان سان گڏوگڏ اهي صحافي جيڪي بيمار يا ڪنهن ??شڪ?? ۾ آهن انهن جي به مد?? ڪئي وڃي، پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود پريس ڪلبن ۽ صحافين جي مد?? ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.