اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معيشت، تعليم ۽ سيڙپڪاري جي ڊيجيٽلائيزيشن سان پاڪستان تيزي سان ترقي ??ند??، پاڪستان تيزي سان جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري رهيو آهي، مستقبل ۾ ڪيترائي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ انٽرنيٽ ??ي ڪري وڌيڪ آساني ٿيندي، اسٽيٽ ??ئنڪ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ آن لائن ادائگيون شروع ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪورونا وبا دوران صحت، تعليم ۽ ڪاروباري شعبي ۾ انٽرنيٽ ??ي ??هر?? ۾ اضافو ٿيو، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي جانورن جي منڊين، بازارن ۽ عيد نماز دوران ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هاءِ اسپيڊ موبائيل براڊ بينڊ ??راجيڪٽ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ??ند?? ڪيو. ??ن چيو ته ڪورونا وبا دوران آن لائن تعليم جو سلسلو شروع ڪيو ويو پر جن علائقن ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ نه هئي اتي تعليم واري وزارت ٽيليويزن ذريعي تعليم جو سلسلو برقرار رکيو. ??ن چيو ته پاڪستان تيزي سان جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري رهيو آهي. مستقبل ۾ ڪيترائي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ انٽرنيٽ ??ي ذريعي وڌيڪ آساني ٿيندي. صدر چيو ته معيشت، تعليم ۽ سيڙپڪاري جي ڊيجيٽلائيزيشن سان پاڪستان تيزي سان ترقي ??ند??. ??ن چيو ته گذريل سال سافٽ ويئر برآمدات ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ملڪ ۾ سافٽ ويئر برآمدات جا وسيع موقعا موجود آهن.