تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان تربت ۾ 200 بسترن تي مشتمل ٽيچنگ اسپتال، مختلف شاهراهن ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جو پيڙهه جو پٿر ۽ افتتاح ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب جمعي ڏينهن وزيراعظم تربت ايئرپورٽ جي توس??ع، 200 بسترن تي ٻڌل مڪران ميڊيڪل ٽيچنگ اسپتال تربت، يونيورسٽي آف تربت جي فيز 2 ۽ ايم – 8 جي 146 ڪل??مي??ر هوشاب – آواران سيڪشن جو پيڙهه جو پٿر رکيو، ان دوران وزيراعظم کي اين – 30 جي 106 ڪل??مي??ر ٻن لائين واري بسمه – خضدار روڊ تي اڳڀرائي ۽ ڏکڻ بلوچستان لاءِ ترقياتي پيڪيج جي باري ۾ بريفنگز ڏنيون ويون.