اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت معاشري جي سمورن طبقن لاءِ اميد جي بجيٽ ڏني آهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي مشڪلاتن جي باوجود عمران خان دليري سان مشڪل فيصلا ڪيا جنهن جي ڪر?? اسان جي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي، آئنده جي لاءِ به پائيدار واڌ جي شرح جا ثمر هيٺين طبقي تائين پهچائڻ جي لاءِ موثر قد?? کنيا ويا آهن، صنعت، زراعت خاص طور تي برآمدات سان وابسته صنعتن جي ترقي جي لاءِ قدمن سان ملڪ ترقي ??ند??، موبائيل فون جي پنج منٽ کان وڌيڪ ڪال تي 0.75 پئسا ٽيڪس وصول ڪيو ويندو، 12 قسم جا وڌ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيا ويا آهن، ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي ذريعي عادي ٽيڪس چورن جي نشاندهي ڪر?? باقاعده هڪ طريقيڪار تحت کين گرفتار ڪر?? سگهجي ٿو، کير، اٽي ۽ ان جي ٻين مصنوعات تي ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، 850 سي سي گاڏي تي ٽيڪس گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو هاڻي اهو فيصلو 1000 سي سي تي لاڳو ٿيندو، صحت جي شعبي کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏنو ويو آهي، آءِ ٽي جي شعبي کي ٽيڪس کان ڇوٽ هوندي، ايندڙ ٻن کان ٽن سالن ۾ اسان جي آءِ ٽي جي ايڪسپورٽس 6 کان 8 ار?? ڊالر متوقع آهن، 2022ع تائين 10 ڪر??ڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ وفاقي بجيٽ 22 -2021ع تي بحث کي سهيڙيندي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جڏهن اقتدار ۾ ائي ته سڀ کان وڏو مسئلو 20 ار?? ڊالر جو ڪر??ٽ اڪائونٽ خسارو هو ۽ ان کانسواءِ 10 کان 11 ار?? ڊالر جي ننڍي مدي جا قرض هئا، هن چيو ته ماضي ۾ واڌ جي شرح ۽ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي گروٿ قرض کڻي ڏيکاري وئي هئي، 2008ع ۾ قرض 6 ٽريلين روپيا هئا، جيڪي 2018ع يعني مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي پڄاڻي تي وڌي 30 ٽريلين روپيا ٿي ويا. 2018ع ۾ ڪر??ٽ اڪائونٽ خسارو 20 ار?? ڊالر هو جڏهن ته 8 ار?? ڊالر جي ننڍي مدي وارا ٻاهريان قرض فوري واپس ڪرڻا هئا، اهي ڪل 28 ار?? ڊالر جو گيپ ۽ وڏو مسئلو هو جنهن جي ڪر?? پاڪستان تحريڪ انصاف وٽ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، آءِ ايم ايف سخت شرطون رکيون جنهن ۾ ڊسڪائونٽ سوا 13 سيڪڙو ڪيو ويو، ايڪسچينج ريٽ کي 169 روپيا في ڊالر تي پهچايو ويو، هن چيو ته گئس ۽ بجلي جا ٽيرف به وڌايا ويا، آءِ ايم ايف روانگي واپار تي دٻاءُ ختم ڪرڻ چاهي ٿي، 19 -2018ع ۾ سان جي واڌ جي شرح 2 سيڪڙو تي اچي وئي، عمران خان دليري سان مشڪل فيصلا ڪيا، هن چيو ته مٿان وري ڪورونا وائرس جي وبا پکڙجي وئي، جنهن جي پهرين، ٻي ۽ ٽئين لهر ائي، سڀني مشڪلاتن جي باوجود هن بهترين فيصلا ڪيا، وزيراعظم عمران خان هائوسنگ جي صنعت کي ترقي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، ان ڏس ۾ اسان آءِ ايم ايف کان مراعتون ورتيون، ايڪسپورٽ، زراعت ۽ هائوسنگ سيڪٽر کي بهتر ڪيو ويو، پو??ي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪر?? منفي گروٿ ٿي، اسان جي به صرف 0.5 سيڪڙو منفي گروٿ ٿي پر الله جي فضل سان عمران خان جيڪي قد?? کنيا ان جي پو??ي دنيا ۾ واکاڻ ڪئي وئي،