اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيو آهي ته پاڪستان ۾ توانائي جي وڌندڙ طلب جي ڪري سوئس ڪمپنين جي لاءِ بجلي جي قابل تجديد، هائيڊل ?? ڪلين ٽيڪنالاجي پيداواري منصوبن ۾ تمام گهڻي منافعي وارا موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوئس ڪنفيڊريشن جي ڪائونسل آف اسٽيٽس جي صدر جين ريني فريئر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.