اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بي جي پي جي فاشسٽ حڪومت جي هٿان 126 ڏ??نه?? ڊگهو ڪرفيو ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ والاريل ڪشمير جي عوام جي بنيادي حقن جي کليل خلاف ورزي آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن سعودي پارلياماني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ سعودي عرب جي شوري?? ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.