اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي ??طل??عات ۽ نشريات بابت خاص مددگا?? ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان ڪرپشن ۽ ڪرپٽ عنصرن سان ڪڏهن به ڪو ٺاهه نه ڪيو نه اڳتي ڪندو، ڪرپ??ن ڪنگز ٽرانسپيرنسي ا??ٽرنيشنل جي رپورٽ کي پنهنجا گناهه لڪائڻ جي لاءِ ڍال طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام جي خلاف ڪرپشن جو گناهه انهن پنهنجي دور ۾ ڪيو آهي، اهڙين حرڪتن سان لڪڻ وارا نه آهن، ملڪ مان ڪرپشن ۽ بدعنواني جو خاتمو وزيراعظم عمران خان جو نصب العين آهي، عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت احتساب جي ا??جنڊا کڻي آئي، ان عوامي ا??جنڊا کي هر صورت ۾ پورو ڪيو ويندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جنهن ٽرانسپيرنسي ا??ٽرنيشنل جي رپورٽ جي حوالي سان ميڊيا، اخبارن، سول سوسائٽي ۽ عوام ۾ هڪ بحث هلي رهيو آهي، ضروري آهي ته ان جي پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي.