مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان سان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري جي قيادت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ڪندڙن ۾ مسلم ڪانفرنس جو سپريم هيڊ سردار عتيق احمد خان، مسلم ڪانفرنس جو صدر مرزا شفيق احمد جرال، جماعت اسلام?? جو پارلياماني ليڊر عبدالرشيد ترابي، جماعت اسلام?? جو امير ڊاڪٽر خالد محمود، پيپلزپارٽي ڄمون ڪشمير جو صدر سردار حسن ابراهيم، مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري محمد ياسين ۽ پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري لطيف اڪبر شامل هئا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ڪشمير معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، ڪشمير ڪميٽ?? جو چيئرمين سيد فخر امام، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزي??اع??م راجا فاروق حيدر ۽ قانونساز اسيمبل?? جو اسپيڪر شاهه غلام قادر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.