راولپنڊي- 22 جنوري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي پاڪ – اف??ان سرحد ويجهو زوب ۾ آپريشن دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا آه??. آءِ ايس پي آر ط??فان جاري هڪ پريس رليز مطابق زوب جي علائقي سمبازه ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين تي حملن ۾ سڌيءَ ريت ملوث هئا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود هٿ ڪيو ويو. علائقي ۾ ڪنهن ٻئي دهشتگرد جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن پڻ جاري آه??. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آه?? ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آه??.