اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واپاري برادري تي زور ڏنو آهي ته صنعتي ضرورتن کي پور?? ڪرڻ جي لاءِ قابل تجديد توانائي جا منصوبا لڳائي جنهن ۾ حڪومت تعاون ڪندي، حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته پاڪستاني مصنوعات عالمي منڊين ۾ ٻين ملڪن جي مصنوعات جو مقابل?? ڪري سگهن ۽ پاڪستاني واپاري برادري کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وف??قي ??نعت ۽ واپار پاڪستان جي صدر ميان انجم نثار جي سربراهي ۾ ايف پي سي سي آءِ جي وف?? سان ملاقات دوران ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.