اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) ڪرونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ ??اء?? سموريون صوبائي حڪومتون ۽ پاڪستاني فوج ڏينهن رات محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي، قومي ڪوششن جي سپورٽ ۾ ميڊيڪل ايڪشن پلان بڻايو آهي، ٽنهي هٿياربند ف??ج جي ميڊيڪل سهولتن کي هر طرح سان تيار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، هٿياربند ف??ج جو ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار ۽ وزيراعظ?? جو صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.