اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پ?? پي) صدر اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ 4 ڊسمبر تي دعا جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، جمعي جي نماز جي ميڙن ۾ ڪورونا وا??رس جي وبا جي ٻي لهر کان تحفظ لاءِ خصوصي دعائون ڪيون وينديون، ڪورونا وا??رس جي وبا جي ٻي لهر تي عالم سڳورن ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وبا کان تحفظ جي لاءِ عوام جي آگاهي تي عالم سڳورن اتفاق ڪيو آهي، مسجدن ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو، عوام جي آگاهي لاءِ ميڊيا به پنهنجو ڪردار ادا ڪري، عالم سڳورن کي اپيل ڪئي آهي ته ڪجهه وقت جي لاءِ جلسا جلوس ملتوي ڪيا وڃن، عالم سڳورن متفقه طور تي 17 اپريل جي ايس اي او پيز تي عملدرآمد کي ورجايو آهي. ڪورونا وا??رس جي ٻي لهر ۽ ان جي صورت??ال بابت مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وا??ي وفاقي وزير نورالحق قادري ۽ وزيراعظم جي صحت وا??ي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ بريفنگ ۾ ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪورونا وا??رس وبا جي پ??رين لهر ۾ اپريل ۾ سراسري 500 مريض هئا، عوام جي احتياطي تدبيرن جي ڪري وبا جي ڦهلاءُ تي ضابطو آندو ويو ۽ 22 جون تي 6400 مريضن جو ٽيسٽ پازيٽو آيو جيڪو 6500 تائين وڌڻ کانپوءِ رڪجي ويو.