لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته زراعت اسان جي معيشت جي لاءِ اهميت رکي ٿي ۽ اسان جي اولين ترجيح ننڍن آبادگارن جي مفادن جو تحفظ آهي، معياري ۽ جديد پيداواري ٽيڪنالاجي جي استعمال جو منصوبو جوڙيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سال 2019ع جي لاءِ ڪڻڪ جي خريداري بابت منصوبابندي واري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.