اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات باب?? اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) 2008ع کان 2018ع دوران ميثاق ڪرپشن جي ذريعي ملڪ جي خزاني کي بي دردي سان لٽي پنهنجا خزانا ڀر??ا ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجون جائيدادون ٺاهيون، 22 ڪروڙ عوام کي پهريون ڀيرو عمران خان جي صورت ۾ هڪ ديانتدار ۽ ايماندار وزيراعظم مليو جيڪو هر ??ام??ڪن کي ممڪن بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پهرين 15 مهينن ۾ معاشي طور تي ڏيوالو نڪتل ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهاري معاشي استحڪام جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، 2020ع معاشي ٽيڪ آف جو سال آهي، ان سال عام ماڻهو کي حڪومتي سڌارن ۽ پاليسين جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويندا، هو ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو