اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 2020ع کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، معاشي استحڪام ۽ رليف جو سال قرار ڏي??دي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان 23 سال مسلسل جدوجهد کانپوءِ پاڪستان کي استحڪام پاڪستان جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو آه??، هو روايتي سياستدان نه پر هڪ مقبول اڳواڻ آهي جيڪو ذاتي فائدي بدران قومي مفاد کي ترجيح ڏي??دي عوام جي خوشحالي ۽ آئنده نسلن جو سوچي ٿو، 2020ع وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي استحڪام سان حاصل ٿيندڙ ثمر عوام تائين پهچائڻ جو سال هوندو، دنيا جي سامهون ملڪ جو مثبت تشخص ۽ روشن چهرو اجاگر ڪرڻ ۽ قومي بياني جي فروغ ۾ قومي خابرو ادارو ”اي پي پي“ اهم ڪردار رکندڙ آهي، عمران خان جي ويزن موجب اي پي پي کي اهڙو ادارو بڻائينداسين جو سڄي دنيا جا خابرو ادارا ان کي رول ماڊل قرار ڏئي ان جي تقليد ڪندا. هو نيشنل لائبريري ۾ قومي خابرو اداري ??يسوسيئيٽيڊ پريس ??ف پاڪستان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري ??قريب کي خطاب ڪري ??هي هئي.