ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عم??ان اسماعيل، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سي?? علي زيدي ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ موجود هئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۾ عمر عماري، ڊاڪٽر سي?? عم??ان علي شاهه، ارسلان تاج حسين، بلال احمد، سي?? فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ، جمال الدين صديقي، ڪريم بخش گبول، محمد علي عزيز، مير رمضان، شهزاد قريشي، ملڪ شهزاد اعواڻ، ربستان خان، سي?? احمد، شاهه نواز جدون، محمد اسلم ابڙو، شهريار خان، عديل احمد، راجا اظهر خان، ڊاڪٽر گنجي گنگواڻي، طاهره دعا ڀٽو، سدره عمران، ڊاڪٽر سيما ضياءَ، رابيعه اظفر شامل هئا. اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي سنڌ اچڻ تي ڀليڪار چيو ۽ تازي بجيٽ تجويزن، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ??رڻ ??ي کيس ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو.