اسلام آباد – 28 جو?? (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران ڪالهه آچر ڏينهن جاري تفصيل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 25013 ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 92624 مريض صحتياب ٿي ويا آهن جيڪو نمايان انگ آهي. سڄي ملڪ ۾ 502 مريض وينٽي ليٽر تي آهن جڏهن ته ڪورونا جي مريضن جي لاءِ 1562 وينٽي ليٽر رکيا ويا آهن. ملڪ ۾ 27 جو?? تي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 4072 رهيو جڏهن ته مجموعي طور تي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 106213 آهي. هيستائين 202955 ڪيسز سامهون آيا آهن. سنڌ ۾ 78267، پنجاب ۾ 74202، اسلام آباد ۾ 12395، گلگت بلتستان ۾ 1423، بلوچستان ۾ 10261، ??يب??پختونخواهه ۾ 25380 ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 1027 مريض آهن. ڪورونا سبب 27 جو?? تي 83 ماڻهو فوت ٿيا آهن. جڏهن ته فوت ٿيندڙن جو مجموعي انگ 4118 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 1243، پنجاب ۾ 1673، ??يب??پختونخواهه ۾ 914، اسلام آباد ۾ 122، بلوچستان ۾ 144، گلگت بلتستان ۾ 24 ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 28 ماڻهو فوت ٿيا آهن. هيستائين 1239153 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سهولتن وارين 768 اسپتالن ۾ 5342 مريض داخل آهن.