اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي آئ??، ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جي ??رح اطمينان جوڳي آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد سان ڪورونا تي گهڻي حد تائين ڪنٽرول آندو وي?? آهي، ڪورونا اڃا مڪمل ختم ناهي ٿيو خطرو اڃا به موجود آهي، حڪومتي ڪوششن سان ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت کي وڌايو وي??، جيڪڏهن اسان محتاط انداز سان ايس او پيز تي عملدرآمد ڪندا رهياسين ته اسپتالون جلد ويران ٿي وي??ديون ۽ راندين جا ميدان آباد ٿيندا، ڪورونا جي خلاف طبي عملو پهرين صف تي آهي، انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولي ڪلينڪ اسپتال جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي ٽيم ورڪ ذريعي ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو ۽ مشڪل وقت ۾ عوام جي خدمت ۾ سڀ کان اڳ رهيا.